اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته ان جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ??ار??هه جوڳو آهي، هنزه ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس ??و قيام انتهائي ??ار??هه جوڳو آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف سان آغا خان فنڊ فار اڪنامڪ ڊيولپمينٽ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي چيئرپرسن شهزاده رحيم آغا خان پنج رڪني وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. وز??راعظم پرنس رحيم آغا خا?? کي پاڪستان حڪومت پاران نشان پاڪستان ملڻ تي مبارڪباد ڏني. وز??راعظم پاڪستان جي گهٽ ترقي يافته ۽ ڏورانهن علائقن خاص طور تي گلگت بلتستان ۽ چترال ۾ سماجي ڀلائي جا مختلف منصوبا قائم ڪرڻ تي پرنس رحيم آغا خا?? کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جو پاڪستان ۾ تعليم، صحت، توانائي، زراعت، سياحت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي جي لاءِ منصوبا قائم ڪرڻ ??ار??هه جوڳو آهي. وز??راعظم آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي سياحت جي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته هنزه ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ ۽ شمسي توانائي جي پلانٽس ??و قيام انتهائي ??ار??هه جوڳو آهي. وز??راعظم آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ جي اهتمام هيٺ گلگت ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي مائيڪرو فنانس بئنڪنگ مرڪز قائم ڪرڻ کي علائقي جي عوام جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو. وز??راعظم آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ کي قابل تجديد توانائي جي منصوبن ۾ پاڪستان حڪومت سان حصيداري جي دعوت ڏني.