راولپنڊي-13 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عا??م منير چيو آهي ته مادر وطن لاءِ جان قربان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪابه شيءِ عظيم ناهي، شهيدن جون قربانيون اسان جي عزم کي مضبوط ڪن ٿيون. آءِ ايس پي آر موجب هو جي ايڇ ڪيو ۾ آپريشنز دوران بهادريءَ جو مظاهرو ڪندڙ فوجي جوانن ۾ اعزاز ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن کي ميڊلز، ستاره امتياز (ملٽري) ۽ تمغه بسالت سان نوازيو. شهيدن جا تمغا سندن خاندان و??ول ڪيا. آرمي چيف جو چوڻ هو ته قوم جي آزادي ۽ سلامتي پنهنجي بهادر جنگجوئن جي قربانين جو نتيجو آهي. شهيد ۽ غازي اسان جا هيرو?? آهن، اسان جا شهيد درحقيقت قوم لاءِ اميد ۽ استقامت جو ڪِرڻو آهن.