اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزارت اچڻ تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? معزز مهمان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? وزيراعظم جي تازي سعودي ع??ب جي دوري دوران قيادت جي سطح تي ٿيندڙ اهم مفاهمت جو ذڪر ڪيو. سعودي عرب سان لا??اپ?? جي بلندي کي ساراهيندي هن ٻطرفي اقتصادي ۽ سيڪيورٽي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? سعودي ع??ب جي دورانديشي ۽ مستقبل جي قيادت ۾ غيرمعمولي اڳڀرائي ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي ع??ب جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وسيع واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? پاڪستان پاران پيش ڪيل سيڙپڪاري جي زبردست موقعن ۽ ان سلسلي ۾ ايس آئي ايف سي جي ڪردار تي روشني وڌي. سعودي پرڏيهي وزير سندس ۽ وفد جي شاندار استقبال تي پرڏيهي وزير اسحاق ڊا?? جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان سان سعودي ع??ب جي گهري ڀائراڻن لا??اپ?? جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن خطي جي تازي اڳڀرائي ۽ غزه جي سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ فوري جنگبندي ۽ اتي اسرائيلي ظلم بند ڪرڻ تي زور ڏنو.