اسلام آباد– 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت صحافت جي آزاد?? تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم پڻ کڻي رهي آهي، فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ حڪومت ۽ ميڊيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسان اميد ڪريون ٿا ته صحافي ??را??ري ذميواراڻي ۽ غيرجانبداراڻي صحافت جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ ناز آفرين سهگل، سرمد علي، مجيب الرحمان شامي، شهاب زبيري، محمد اطهر قاضي، سيد منير جيلاني، محسن بلال، مهتاب خان ۽ فيصل زاهد ملڪ شامل هئا. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا. وفد عهدو سنڀالڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل پينل کي مبارڪباد ڏني ۽ پنهنجي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وفد سان ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته تمام مشڪل حالتن ۾ ملڪ جي واڳ سنڀالي آهي. هن چي?? ته معيشت جي بحالي اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج ۽ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم وفد کي حڪومت جي معيشت جي بحالي جي ڪوششن ۽ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم چي?? ته اوڳاڙين جي وصولي جي نظام کي جديد بڻائڻ جي حوالي سان حڪمت عمل?? تيار ڪئي پئي وڃي، فيڊرل بورڊ آف روينيو جي مڪمل ڊيجيٽلائيزيشن ڪئي پئي وڃي ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. هن چي?? ته 2 هزار ارب رپين کان وڌيڪ جي اوڳاڙين جا ڪيس عدالتن ۽ ٽربيونلز ۾ التوا هيٺ آهن. وزيراعظم چي?? ته تازو ئي حڪومت ٽيڪس ايڪسي لسن ايوارڊز منعقد ڪيو جنهن جو مقصد سٺي ٽيڪس ڏيندڙن، برآمد ڪندڙن ۽ عورت انٽرپرينيورز جي حوصلا افزائي هئي. وزيراعظم چي?? ته اربين رپين جي بجلي چوري ٿي رهي آهي جنهن جي روڪٿام جي لاءِ هول آف دي گورنمينٽ اپروچ اختيار ڪئي پئي وڃي. هن چي?? ته حڪومتي ملڪيتي ادارن جي نجڪاري، اداراجاتي سڌارا، اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ ڪفايت شعاري حڪومتي ترجيحون آهن. وزيراعظم وڌيڪ چي?? ته حڪومتي سطح تي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا جلد پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم وفد سان ڳالهائيندي چي?? ته پريس يقيني طور تي رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي، معاشري جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ذهني ۽ فڪري تربيت ۾ پريس جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چي?? ته گڊ گورننس يقيني بڻائڻ ۽ عوام کي آگاهي جي فراهمي ۾ ميڊيا جو اهم ڪردار آهي. هن چي?? ته اڄ جي ڊيجيٽل دور ۾ پڻ پرنٽ ميڊيا جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. وزيراعظم چي?? ته ايس آءِ ايف سي تحت معاشي استحڪام جا ثمر عوام تائين پهچائڻ ۾ ميڊيا اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. وزيراعظم چي?? ته فيڪ نيوز تمام وڏو چئلينج بڻجي چڪو آهي جنهن جي تدارڪ جي لاءِ حڪومت ۽ ميڊيا کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چي?? ته حڪومت پريس جي آزاد?? تي يقين رکي ٿي ۽ ان حوالي سان هر ممڪن قدم پڻ کڻي رهي آهي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪي?? ته صحافي ??را??ري ذميواراڻي ۽ غيرجانبداراڻي رپورٽنگ جي ذريعي جمهوريت جي استحڪام ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. وزيراعظم وفد جي شرڪت ڪندڙن کي چي?? ته صحافي ??را??ري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪوششن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏ??. وزيراعظم وفد کي صحافي ??را??اري کي درپيش سموريون مشڪلاتون حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چي?? ته صحافين کي انهن جون ذميواريون نڀائڻ ۾ جتي به حڪومت جي مدد گهربل هوندي اسان ان حوالي سان انهن جو ڀرپور ساٿ ڏ??نداسين.