اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن متفقا طور سني اتحاد ڪونسل جي صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن طرفان ??يئرمين سڪندر سلطان ر??جا ۽ چئني ميمبرن طرفان متفقا طور تي جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آه?? ته قومي اسمبلي ۽ چئني صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 8 فيبروري تي ٿي چڪيون آه?? ۽ اهو آئين جي آرٽيڪل 41 جي شق 5 تحت جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙيون ويون هجن ته عام چونڊن جي 30 ڏينهن اندر صدر جو مدو پورو ٿيڻ کانپوءِ ان جي چونڊ ڪرڻ لازمي آه??. اليڪشن ڪميشن پهرين مارچ تي صدر جي چونڊ لاءِ شيڊول جاري ڪيو جنهن تحت 9 مارچ تي اليڪشن ٿي رهيو آه??. ان جي جانچ پڙتال سميت سمورو عمل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي طرفان ??ونڊ ڪالج مڪمل نه هجڻ جي موقف سان ??ونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي جڏهن ته هن طرفان ??ونڊ ڪالج جي حوالي سان ريٽرننگ آفيسر وٽ ڪو اعتراض نه اٿاريو ويو، ??ن وقت قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبائي اسيمبليون فعال آه?? ۽ وزيراعظم ۽ وڏن وزيرن جي چونڊ پڻ ٿي چڪي آه??. ان ??ري اليڪشن ڪميشن متفقا طور تي محمود خان اچڪزئي طرفان صدارتي چونڊ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.