اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مرضن جي اعلان کان وڌيڪ بچاءُ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ بيمارين جو علاج مهانگو آهي، صحت جي نظام تي ??ار پوي ٿو، بيمارين کان بچاءُ سان ملڪ جي صحت جي نظام تي ??ٻاءُ ۾ گهٽتائي ايندي، ماڻهن ۾ احتياطي تدبيرن بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هو پاڪستان نيشنل هارٽ ايسوسيئيشن (پناهه) جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. پناهه جي صدر ميجر جنرل (ر) مسعود الرحمان ڪياني صدر کي غيرمتعدي بيمارين ۽ دل جي مرضن جي حوالي سان پناهه جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. صدر چيو ته غيرمتعدي مرضن ۽ دل جي مرضن جي روڪٿام لاءِ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي. بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ ميڊيا، مقامي آبادي، مسجدن ۽ غيرسرڪاري تنظيمن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، آگاهي پيغام و??ي پئماني تي ماڻهن تائين پ??چا??ڻ جي لاءِ ??دي?? پليٽ فارمز کي استعمال ۾ آندو وڃي. وفد صدر کي مختلف بيمارين بابت آگاهي، ڪنٽرول ۽ تربيت جي حوالي سان پناهه جي سرگرمين بابت ٻڌايو ته پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين پناهه عوامي آگاهي جي لاءِ مختلف پليٽ فارمز جو استعمال ڪري رهي آهي، پناهه هيستائين آگاهي واڪس، سيمينارز، ليڪچرز ۽ تربيتي ??يشنز جو اهتمام ڪري چڪي آهي، پناهه صحتمنداڻي سرگرمين ۽ طرز زندگي بابت به آگاهي پيدا ڪري ٿي. وفد صدر کي پناهه جي سرگرمين ۽ ڪارڪردگي جي حوالي سان رپورٽ پڻ پيش ڪئي. صدر بيمارين خاص طور تي ??ل جي مرضن جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پناهه جي ڪردار کي ساراهيو.