اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وف??قي وزير مرتصيٰ سولنگي چيو آهي ته اهڙي ڪا صو??تحال نه هوندي جنهن سان اليڪشن جي انتظامن ۽ انعقاد ۾ ڪو مسئلو درپيش اچي. صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ماڻهن جي زندگين کي خطرن تي الرٽس جاري ٿيندا آهن، لاڳاپيل ادارا حفاظت?? قدم کڻي رهيا آهن، انهن الرٽس جو اليڪشن جي انعقاد سان ڪو تعلق نه آهي. هن چيو ته اهڙا مسئلا ماضي ۾ به ايندا رهيا آهن، 2008ع ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ سيڪيورٽي جا مسئلا وڌيڪ سنگين هئا، الله تي ڀروسو ۽ سيڪيورٽي ادارن جي صلاحيتن تي اعتماد رکو، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. هڪ سوال ??ي هن چيو ته مون کي پورو يقين آهي ته اهڙي ڪا صو??تحال نه ٿيندي جنهن سان اليڪشن جي انتظامن ۽ انعقاد ۾ ڪو مسئلو درپيش اچي.