اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جون مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جا آئيني طور تي پابندي آهيون. اليڪشن ڪميشن ٻاهران ص??افين س??ن ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آ??ِ بابت معاملن جو پي ٽي آ??ِ بهتر ٻڌائي سگهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ آزاداڻيون، منصفاڻيون، غيرجانبداراڻيون ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ جي آ??يني ذميواري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي آهي. نگران حڪومت آئيني ۽ قانوني حڪومت آ??ي، اسان اليڪشن ڪميشن س??ن گڏ آهيون. هن چيو ته حڪومت اليڪشن ڪميشن جي مالي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي آ??يني طور تي پابند آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سيڪيورٽي جا مسئلا حقيقي آهن، اسان کي ان جو ادراڪ آ??ي، ان کي بهتر ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته ملڪ ۾ سوال اٿارڻ تي ڪا به پابندي نه آ??ي، چونڊون انشاءَ الله 8 فيبروري 2024ع خميس ڏينهن ٿينديون. 8 فيبروري تي پولنگ اسٽيشنن ٻاهران عوام جون قطارون نظر اينديون.