مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) ??گر??ن وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه ٿيندي پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي، پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار??لح?? ۽ قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چيمبر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ??گر??ن وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ کي آزاد ڪشمير اچڻ تي ڀليڪار چئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ۽ قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جي اظهار تي ??گر??ن وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ??گر??ن وزيراعظم انوار??لح?? ڪاڪڙ چيو ته پاڪستانين جي دل پنهنجي ڪشميري ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ ڌڙڪي ٿي. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن سان ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد ڪمزور نه پر وڌيڪ مضبوط ٿيندي.