نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ اميد ظاهر ڪئي آهي ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقل?? کي روڪڻ ممڪن هوندو، حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻار?? کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي جنهن ۾ پوليو جي خاتمي، صنفي برابري، غذائيت ۽ مالياتي شموليت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران و??ير??عظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته هلندڙ سال ملڪ جي هر علائقي ۾ پوليو وائرس جي منتقل?? کي روڪڻ ممڪن هوندو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته نگران حڪومت ۽ نيشنل پوليو ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻار?? کي پوليو ويڪسين، معمول جي حفاظتي ٽُڪن ۽ ٻيون ضروري صحت جون خدمتون پهچائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهن. بل گيٽس ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۾ پوليو جو خاتمو اولين ترجيح آهي. هن خاص طور تي افغانستان سان سرحد پار منتقل?? کي روڪڻ ۽ ڏکڻ صوبي خيبرپختونخواهه ۾ ويڪسينيشن مهم جاري رکڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. هن نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ نگران حڪومت تي به اعتماد جو اظهار ڪيو ته اهي پوليو وائرس جي منتقلي جي خاتمي لاءِ ڪوششون جاري رکندا. هن پاڪستان ۾ غذائيت ۽ مالياتي شموليت جي ڪوشش?? کي بهتر ب??ائڻ جي لاءِ جدت سان ڀرپُور ۽ تسليم ٿيل طريق?? کي سگهه ڏيڻ ۾ نگران و??ير??عظم کي حمايت جو يقين ڏياريو. نگران و??ير??عظم ۽ بل گيٽس ان ڳالهه تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته ڪهڙي طرح انهن ترجيحن ۾ بهتري صنفي برابري جي ڪوشش?? کي بهتر ب??ائڻ ۾ مدد ڪري ٿي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي عورتون ۽ ڇوڪريون پنهنجي صحت، ماليات ۽ مستقبل کي ترجيح ڏئي سگهن ۽ پنهنجي معاشرن ۾ رهنما بڻجي سگهن.