گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وق??ائ??ي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گلگت ب??تستان ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم ک?? آءِ ٽي، ??حت?? تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت ب??تستان جي سمورن ضلعن خاص طور تي ديامر ۽ استور جي ضلعن ۾ تعليم جي شعبي جي ڪيترن ئي مسئلن جي وق??ائ??ي نشاندهي ۽ موثر حل ڪيا ويا آهن، تعليمي شعبي ۾ کنيل قدمن ۾ شاگردن کي غذائي فراهمي جي پروگرام، تعليمي عمارتن جي نئين سر تعمير ۽ خراب حال عمارتن جي بحالي، استادن جي پيشيواراڻي تربيت، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سمارٽ اسڪولن جي تعمير وغيره سرفهرست آهن. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم ک?? بريفنگ ۾ گلگت ب??تستان ۾ صحت جي شعبي ۾ کنيل مثبت قدمن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت ب??تستان ۾ نفسياتي مرضن جي وڌندڙ رجحان جي خاتمي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال رهندڙ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم ک?? ماحولياتي ۽ سياحتي شعبن ۾ کنيل مثبت قدمن بابت آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ نگران وزيراعظم ک?? گلگت ب??تستان ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ ان جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي، گلگت ب??تستان ۾ پن بجلي جي پيداوار جي حقيقي صلاحيت ۽ موجوده پيداوار ۽ بجيٽ جي صورتحال تي پڻ بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم گلگت ب??تستان انتظاميا ۽ سياسي قيادت کي سمورن موجوده ترقياتي منصوبن جي افاديت جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظم ک?? گلگت ب??تستان ۾ قانون ۽ انصاف ۽ امن امان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن ماڻهن جي وق??ائ??ي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت ب??تستان جو گورنر سيد مهدي شاهه، گلگت ب??تستان جو وڏو وزير گلبر خان، چيف سيڪريٽري گلگت ب??تستان، آءِ جي گلگت ب??تستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شامل هئا.