اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف چيو آهي ته مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انقلابي قدم تحت حڪومت بجلي جي پيداوار جي لاءِ شمسي توانائي جي انقلابي منصوبن جي شروعات ??ئي آهي جنهن تحت گذريل ڏينهن هڪ لک ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات ??ئي وئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽيوب وي??ز جي سولرائيزيشن سان آبادگارن کي سستي بجلي ملندي. وزيراعظ?? چيو ته ان قدم سان زرعي پيداوار ۾ اضافي ۽ خوراڪ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرائپ حاصل ٿيندي. وزيراعظ?? چيو ته اسان جي معيشت هائي پاور ٽيرف سان ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي مهانگي ٻارڻ تي هلندڙ پاور پلانٽس کي تبديل ڪرڻو پوندو، مهانگي ٻارڻ سان هلندڙ پاور پلانٽس عوام تي بار ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جو سبب آهن. وزيراعظ?? چيو ته ٽيوب وي??ز جي سولرائيزيشن منصوبي تي 377 ارب رپيا خرچ ٿيندا. هن چيو ته سولر، نيوڪليئر ۽ ڪول پاور منصوبن کانسواءِ مخلوط حڪومت هائيڊرو پاور منصوبن جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو آهي، اسان ڀائر ملڪ سعودي عرب کي ديامير ڀاشا ڊيم ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي.