اسلام آباد – 01 آگسٽ(اي پي پي) سعودي عرب جي نائب وزير خالد ص??لح المظفر چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ برادراڻه تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن، سعودي حڪومت پاڪستان سان معدنيات جي شعبي ۾ لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان منرلز سمٽ جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. خالد ص??لح المظفر چيو ته معدنيات وارو شعبو انساني وسيل?? جي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو، معدنيات ۾ سيڙپڪاري سان خطي ۾ واپاري سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته 27 لک پاڪستاني سعودي عرب جي ترقي ۾ اه?? ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.