لاڙڪاڻو – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ز??داري لاڙڪاڻي جي علائقي ڳوٺ وڪيو سانگي پهچي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تعمير ٿيندڙ گهرن جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو ز??داري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ هو. چيئرمين بلاول ڀٽو ز??داري کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ جي چيف آپريٽنگ آفيسر ملڪ نجف خان پاران بريفنگ ڏني وئي. چيئرمين بلاول ڀٽو ز??داري کي سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفي??ر ڏتل ڪلهوڙو پڻ تعمير ٿيندڙ گهرن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ڳوٺ وڪيو سانگي جي 266 ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن مان 147 گهرن جي ت??مير جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڳوٺ وڪيو سانگي جي 138 ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي ت??مير جي لاءِ پهرين قسط، 102 کي ٻي جڏهن ته 60 کي ٽئين قسط جاري ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو ز??داري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ ۽ ايس آر ايس او جي ڪوششن کي ساراهيو.