اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي. ان ??لسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب ۾ وزيرا??ظم ٻوٽو هڻي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مسلم ??يگ (ن) جو اڳواڻ حنيف عباسي، سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ۽ راولپنڊي، اسلام آباد سان ??علق رکندڙ مسلم ??يگ (ن) جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. ان موقعي تي وزيرا??ظم کي وڻڪاري مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته بهار موسم جي وڻڪاري مهم دوران ??سلام آباد ۾ ساڍي 9 لک ٻوٽا هڻڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو جنهن کي پورو ڪيو ويو. سانوڻي جي موسم جي وڻڪاري مهم دوران ??سلام آباد ۾ مجموعي طو?? تي 5 لک ٻوٽا هنيا ويندا جن مان ??وا لک ٻوٽا اڳ ۾ ئي لڳايا ويا آهن. سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ٻڌايو ته جنگلي شهتوت جي جڳهه وفاقي گادي واري شهر ۾ نم، شيشم سميت ٻيا ماحول دوست ٻوٽا هنيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسان ??ول سوسائٽي کي پڻ وڻڪاري مهم ۾ شامل ڪيو آهي ۽ وڻڪاري مهم دوران گهٽ ۾ گهٽ 8 فوٽ جا ٻوٽا هنيا ويندا ۽ انهن جي سارسنڀال کي پڻ يقيني بڻايو ويندو.