اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان تصوير شيئر ڪندي ان ک?? پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام وچ ۾ عظيم رشتي جي هڪ نهايت ئي خوبصورت علامت قرار ڏنو آهي. سعودي عرب جي ولي عهد سان ملاقات ??ي موقعي تي بڻايل تصوير کي سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي شيئر ڪندي صدر مملڪت ڪالهه پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ٻن ڀائر?? جي چهر?? جي رونق ۽ پيار ڀري مسڪراهٽ کان وڌي محب?? واري رشتي جو اظهار نٿو ٿي سگهي. ماشاء الله.