ڪراچي – 20 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير ب??او?? ڀٽو زرداري تجديد عهد ڪيو آهي ته ملڪ ۾ آئين ۽ پارليامينٽ جي بالادستي، جمهوري ادارن جي ??ضبوطي ۽ برابري جي ??روغ جي ????ءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ??لسفي تي سختي سان ڪاربند رهنداسين. ب??او?? هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب ب??او?? ڀٽو زرداري اسلامي دنيا جي ??هرين چونڊيل وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ان جي 70 هين پيدائش جي ڏهاڙي تي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پُورب ڄائي ڪالهه به اونداهين ۾ گهيريل قوم جي ????ءِ روشني جو ڪرڻو هئي ۽ اڄ به مشڪل حالتن ۾ ان جي سوچ ۽ فلسفو ملڪ جي ????ءِ رهنمائي آهي، هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جي ڪري ملڪ ۾ بي قابو ٿيندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ غربت جي خاتمي ل??ءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي عوام دوست فلسفي جي ??يروي ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ به پاڪستان کي ڪيترائي ڀيرا مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پيو، پر عوام کي سدائين اهو يقين هوندو هو ته ڀلي حالتون ڪيتريون ئي ڏکيون ڇو نه هجن، ”بينظير ايندي، روزگار آڻيندي. آئون يقين ڏاريان ٿو ته جيڪڏهن عوام ايندڙ عام چونڊن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي کي مينڊيٽ ڏنو، ته عوامي حڪومت به ملڪ ۾ روزگار آڻيندي. چيئرمين ب??او?? ڀٽو زرداري چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو هڪ تاريخ ساز سخصيت ۽ انسان دوست تحريڪ جو نالو آهي. اڄ ملڪ ۾ جمهوريت جو ٻوٽو پروان چڙهڻ، حقيقت ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڊگهي ۽ اڻٿڪ جدوجهد ۽ قربانين جو ثمر آهي. قائد عوام جي شهادت کانپوءِ ملڪ ۾ جمهوريت کي بچائڻ ۽ مضبوط بڻائڻ ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اهم ڪردار رهيو آهي. ب??او?? ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين نمونو ان جي سوچ ۽ فلسفي جي ??يروي ڪرڻ ۽ پاڻ کي ان جي اڻ مڪمل مشن کي پڄاڻي تائين پهچائڻ آهي. محترمه بينظير ڀٽو جو مشن اهو آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي ۽ جمهوري ادارا مضبوط ٿين، ملڪ مان غربت جو خاتمو ڪرڻ ۽ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ آهي جتي رواداري، برابري ۽ هم آهنگي جو مان مٿاهُون هجي. وقت اچي ويو آهي ته اسان مان هر هڪ محب وطن پاڪستاني ملڪ جي ترقي، خوشحالي، استحڪام ۽ سربلندي جي ????ءِ بينظير جي ??يزن جو ع??م ڪري.