اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) حڪومت پاڪستان جي معاشي ب??الي جو قومي پلان تيار ڪري ورتو آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) قائم ڪئي وئي آهي، منصوبي تحت زراعت، لائيو اسٽاڪ، معدنيات، کاڻ کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ زرعي پيداوار جهڙن شعبن ۾ پاڪستان جي اصل صلاحيت مان فائدو کنيو ويندو، ”هڪ حڪومت“ ۽ ”گڏيل حڪومت“ جي تصور کي فروغ ڏنو ويندو، اها ڪائونسل سيڙپڪارن ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت جي لاءِ ”سنگل ونڊو“ جي سهولت جو ڪردار ادا ڪندي، منصوبي تحت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ??صي??اري عمل پيدا ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب حڪومت پاڪستان اعليٰ سطحي جي اجلاس ۾ اڄ پاڪستان جي ”معاشي ب??الي“ جي ٺوس حڪمت عملي جاري ڪري ڇڏي آهي. ”اڪنامڪ ريوائيول پلان“ جي عنوان س??ن تيار ڪيل ان قومي حڪمت عملي جو مقصد پاڪستان کي درپيش موجوده معاشي مسئلن ۽ بحرانن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي رستي ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪيل ”اسپيشل انويسٽمينٽ فسيلي ٽيشن ڪائونسل“ (ايس آئي ايف سي) جي پهرين اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف، وڏن وزيرن، وفاقي ۽ صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. منصوبي تحت زراعت، لائيو اسٽاڪ، معدنيات، کاڻ کوٽائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، توانائي ۽ زرعي پيداوار جهڙن شعبن ۾ پاڪستان جي اصل صلاحيت مان فائدو کنيو ويندو. منصوبي تحت انهن شعبن جي ذريعي پاڪستان جي مقامي پيداواري صلاحيت ۽ دوست ملڪن س??ن سيڙپڪاري وڌائي ويندي. منصوبي تحت ”هڪ حڪومت“ ۽ ”گڏيل حڪومت“ جي تصور کي فروغ ڏنو ويندو ته جيئن سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. ان منصوبي تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ اسپيشل انويسٽمينٽ فسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ٺاهي وئي آهي جيڪا سيڙپڪارن ۽ سيڙپڪاري ۾ سهولت جي لاءِ ”سنگل ونڊو“ جي سهولت جو ڪردار ادا ڪندي. منصوبي تحت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ??صي??اري عمل پيدا ڪيو ويندو. ڊگهي ۽ ڏکيائي جو سبب بڻجندڙ آفيس طريقيڪار ۽ ضابطن ۾ گهٽتائي آندي ويند. تعاون ۽ ??صي??اري عمل جو طريقيڪار اختيار ڪيو ويندو. سيڙپڪاري ۽ منصوبن بابت وقت سر فيصلاسازي يقيني بڻائي ويندي جڏهن ته وقت جي واضح تعين س??ن گڏ منصوبن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي آندي ويندي ته جيئن هڪ ئي معاملي تي ٻٽي ڪوششن جي رجحان جو خاتمو ٿئي. وفاق ۽ صوبن جي اعليٰ سطح شرڪت سمورين مشڪلاتن جي ب??وجود معآسي ب??الي جي قومي عزم جو واضح اظهار آهي. ان موقعي تي خطاب ڪندي چيف آف آرمي اسٽاف يقين ڏياريو ته معاشي ب??الي جي حڪومت جي پلان تي عملدرآمد جي ڪوششن جي پاڪستان آرمي ڀرپور حمايت ڪري ٿي ۽ ان کي پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي خوشحالي ۽ عالمي دنيا ۾ پنهنجو جائز مقام واپس حاصل ڪرڻ جي بنياد سمجهي ٿي. وزيراعظم ياد ڏياريو ته موجوده حڪومت کي ورثي ۾ تباهي جي ڪناري تي بيٺل معيشت ملي جنهن کي مشڪل ۽ بهادراڻي فيصلن جي ذريعي ب??رانن مان ڪڍي تعمير ۽ ترقي طرف واپس آڻي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته اڃا تمام وڏا چئلينجز اسان جي سامهون آهن، معاشي ب??الي جي لاءِ روانگي واپار وڌائيندڙ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري اهميت رکي ٿي تنهن ڪري حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته گڏيل سوچ اختيار ڪندي موثر عملدرآمد جي لاءِ وفاق ۽ صوبن ۾ ??صي??اري جو انداز اختيار ڪيو وڃي. هن چيو ته سيڙپڪارن کي اولين ترجيح ڏني ويندي ۽ ??صي??اري عمل جي ذريعي منصوبن بابت منظوري جو عمل تيز بڻايو ويندو. وزيراعظم چيو ته متوقع سيڙپڪاري سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، نوجوانن ۽ عورتن کي روزگار ملندو، ترقي جا نوان امڪان ڏينداسي??، اسان جو ڌيان نوجوانن ۽ عورتن کي پنهنجي صلاحيتن جي ڀرپور اظهار جي قابل بڻائڻ آهي، انهن کي ب??اختيار بڻائڻو آهي. وزيراعظم چيو ته اچو گڏجي پنهنجي ڀرپور صلاحيتن س??ن ڪم ڪرڻ جو عزم ڪريون ۽ پنهنجو ڌيان ڀٽڪڻ نه ڏيو??، اسان پاڪستان ۽ عوام جو مقدر بدلائي سگهون ٿا، پر ان جي لاءِ اسان کي مسلسل ۽ سخت محنت ڪرڻي پوندي ۽ رخ برقرار رکندي ملڪ ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي رستي تي گامزن رکڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام جو حق آهي ته انهن کي معاشي ترقي ۽ خوشحالي سان هڪمار ڪيو وڃي، اها اسان سڀني جي ذميواري آهي جن کي الله تعاليٰ اهو فرض ڏنو آهي.