اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023?? جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي 30 جاري ۽ ٻن ن??ين ترقياتي منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 6 ارب رپين جا فنڊز رکيا آهن. انهن منصوبن جو منظور ٿيل ڪاٿو 88 ارب 35 ڪروڙ 49 ل?? 50 ??زار رپيا لڳايو ويو آهي. جنهن جي لاءِ 55 ارب 74 ڪروڙ 76 لک 14 هزار رپين جا پرڏيهي فنڊز پڻ خرچ ??يندا. سرڪاري ترقياتي پروگرام تحت حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023?? جي بجيٽ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان جي سائبر سيڪيورٽي جي جاري منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ مجموعي طور تي 54 ڪروڙ 80 لک رپيا خرچ ڪرڻ جي لاءِ رکيا آهن. اهو منصوبو مارچ 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو.