اسلام آباد – 02 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ جا??جيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو افتتاحي اجلاس تبليسي ۾ منعقد ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جا??ي بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ۽ جا??جيا جي نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي لاڳاپيل ڌ??ين جي قيادت ڪئي. جا??جيا ۽ آذربائيجان ۾ پاڪستان جا سفير ۽ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ڌ??ين ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌ??ين افتتاحي اجلاس کي تعاون جي لاءِ اهم قرار ڏ??ندي واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي خاص ڌيان ڏ??ڻ سان گڏ تعاون جي گڏيل فائديمند شعبن کي ڳولڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي سيڙپڪار دوست پاليسين جو ذڪر ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان ۽ جا??جيا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي بي پناهه امڪانن کي اجاگر ڪيو. ڌ??ين مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت جي طريقيڪار کي پڻ باقاعده بڻايو. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٻيو اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيندو. پرڏيهي سيڪريٽري جا??جيا جي پرڏيهي وزير دارچيا شويلي ايليا سان پڻ ملاقات ڪئي. مشاروت جي افتتاحي دور جي آجيان ڪندي ٻنهي ڌ??ين اميد ظاهر ڪئي ته هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جو بنياد رکندو. پرڏيهي سيڪريٽري جا??جيا جي انصاف واري نائب وزير ۽ اقتصاديات ۽ پائيدار ترقي واري نائب وزير سان پڻ جدا جدا ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي سيڪريٽري جا??جيائي ڪمپنين جي نمائندن سان گڏ هڪ انٽرايڪٽو تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي جتي هن پاڪستان ۽ جا??جيا جي وچ ۾ تعاون جي امڪانن کي کولڻ جي لاءِ سخت ڪاروبار بابت نيٽ ورڪنگ جي ضرورت تي زور ڏ??و.