اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان ن??از شريف جي ترقياتي منصوبن جون تصويرون ۽ 9 مئي تي پي ٽي آءِ پاران ڪيل تباهي جون تصويرون شيئر ڪندي چيو آهي ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو هو، عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم راولپندي سڪسٿ روڊ ميٽرو بس ??سٽيشن جي پراڻي ۽ نئين تصوير شيئر ڪئي، هڪ تصوير ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان ن??از شريف کي ان منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ڏني پئي وئي جڏهن ته ٻي تصوير ۾ انهي منصوبي کي پي ٽي آءِ پاران باهه لڳائڻ کانپوءِ تباهي جو منظر ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سالن جي ترقي جو سفر 9 مئي تي تباهي جو منظر پيش ڪري رهيو آهي ۽ ان ميٽرو بس ??سٽيشن کي پي ٽي آءِ تباهه ڪري ڇڏيو. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران نيازي جو هڪ ٽوئيٽ پڻ شيئر ڪيو ۽ ان ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته عمران نيازي هيڏانهن هوڏانهن جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون ڇڏيو، جاچ ۾ ش??مل ٿيو ۽ پنهنجي ڪرپشن جو حساب ڏيو.