اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اميد ظاهر ڪئي آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي ??و) جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس ڪامياب رهندو. پرڏيهي وزير ايس سي ??و اجلاس ۾ شرڪت ??ي لاءِ گووا پهچڻ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ۽ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪرڻ منهن??ي لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي. اميد ??ري??ن ٿو ته ايس سي ??و جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو اجلاس تمام گهڻو ڪامياب رهندو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ا??س سي ??و جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موجوده سربراهه ڀارتي پرڏيهي وزير ڏني آهي.