ڪراچي – 02 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته موسمي تبديلين جي ڪري پاڪستان ۾ هن ڀيري اپريل کان ئي بر??ات??ن شروع ٿي ويون آهن، امير ملڪن جي پيدا ڪيل موسمياتي بحران جو خميازو غريب قومون ڀوڳڻ تي مجبور آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هن وقت بلوچستان سميت ملڪ جي مختلف علائقن جي ندي نالن ۾ ٻوڏ واري صورتحال آهي، گذريل چوماسي دوران ٿيندڙ رڪارڊ بر??ات?? جي متاثرين جو اڄ به هڪ وڏو انگ مدد جي لاءِ منتظر آهي. هن چيو ته گذريل غيرمعمولي بر??ات?? دوران ٻڏي ويندڙ لکين گهرن ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر بحالي جو ڪم اڃا به مڪمل ناهي ٿيو. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اين ڊي ايم اي سميت سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ عملدار بر??ات?? جي ڏس ۾ هر وقت چوڪس رهن. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي بر??ات?? دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪن ۽ سفر ڪرڻ کان به پاسو ڪن. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر مصيبت کان بچائي. بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪارڪنن جي لاءِ پڻ هدايت جاري ڪندي چيو ته جيالا پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ امدادي ڪمن جي حوالي سان انتظاميا سان ر??بط?? ۾ رهن. هن بلوچستان، سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بر??ات?? دوران حادثن ۾ قيمتي جانين جي زيان تي ڏک ۽ افسوس ۽ انهن حادثن ۾ پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙ خاندا??ن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو آهي.