اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جو صدر سيد ابراهيم رئيسي سڀاڻي خميس 18 مئي تي مند پشين بارڊر ڪر??سن?? پوائنٽ تي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ پولان – گبد بجلي ٽرانسميشن لائين جو گڏيل طور تي اف??تاح ڪندا. پاڪ ايران گڏيل سرحد سان گڏ تعمير ڪئي ويندڙ 6 سرحدي مارڪيٽن مان هڪ مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس سرحد پار واپار کي وڌائڻ، اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۽ مقامي ڪاروبار جي لاءِ موقعن جون نيون راهون کولڻ جي لاءِ هڪ فروغ پذير پليٽ فار?? فراهم ڪندي. اهڙي طرح پولان – گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين ايران کان 100 ميگاواٽ اضافي بجلي آڻي خاندانن ۽ ڪاروباري ادارن سميت خطي جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪ??دار ادا ڪري ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب گڏيل اف??تاح ترتيبوار پاڙِسري صوبن بلوچستان ۽ سيستان ۽ بلوچستان جي رهواسين جي ڀلائي لاءِ پاڪستان ۽ ايران جي مضبوط عزم جو مظهر آهي. اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور تي پڻ ڪم ڪ??ي ٿو.