اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا سهولتڪار اڃا به ادارن ۾ موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جمهوريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي، اهو ئي سبب آهي ج?? اڳوڻن آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي، هي قانون تمام گهڻ?? اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ??ا، 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ قانون تحت ان جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ عدليه جي حوالي سان بل جي ??هرين خواندگي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته پاڪستان هن وقت مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان معاشي، جمهوري، آئيني بح??انن سميت دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، هن وقت تاريخ جي بدترين مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ڇو ته اڳوڻي وزيراعظم ملڪ کي معاشي بح??ان ۾ مبتلا ڪيو، معاشي بح??ان جا ڪجهه سبب اهڙا آهن جن تي اسان جو اختيار نه آهي، ڪوويڊ 19 جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو شديد معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي ڪري 33 ملين ماڻهو ۽ پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل رهيو، اها تاريخي قدرتي آفت هئي جنهن اسان جي ??عيشت کي نقصان پهچايو، ان سان گڏوگڏ سيڪيورٽي جي ??سئلن ڪنڌ کنيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي سياسي قائدين، پوليس، فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو ۽ ان جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي. هن چيو ته وري اسان جي بدقسمتي آهي جو هتي هڪ اهڙو وزيراعظم مڙهيو ويو جنهن اي پي ايس تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي جيل مان آزاد ڪرايو ۽ معاف ڪيو، قبائلي عوام دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم انهن دهشتگردن کي افغانستان مان آڻي اسان جي ??بائلي علائقن ۾ رهايو، ملڪ جي ??عاشي ۽ سيڪيورٽي بح??ان جي ??ٺيان اڳوڻو سليڪيٽيڊ وزيراعظم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان مشرف دور کانپوءِ جمهوريت جي بح??لي لاءِ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪرايون، 18 هين ترميم جي ذريعي 1973ع جو آئين بح??ل ڪيو جنهن جي ڪري ڪجهه جمهوري قوتن پوري طرح متحرڪ ٿي سياسي قيادت جي خلاف ميڊيا ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو ته جي??ن پاڪستان جي عوام جو سياسي قيادت تان اعتماد کڄي وڃي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سپريم ڪورٽ جي آمريت قائم ڪ??ي، انهن سمورن قدمن جو مقصد جمهوريت کي بدنام ڪ??ي هاءِ بريڊ نظام قائم ڪ??ڻ هو، عمران خان کي اسان جي اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ وٺي آئي، اسان جي ??ر جمهوري قدم تي سدائين غيرجمهوري رويا سامهون آيا، اسان جمهوري طور تي بي اعتمادي جي رٿ آندي جنهن جي جواب ۾ آئين ٽوڙيو ويو، اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان انهن بح??انن کي منهن ڇو ڏئي رهيا آهيون، اسان سدائين تاريخ لکي پر ان جي ردعمل جي طور تي ورڇ ۽ سازشون سامهون آيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هينئر به آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي ڇو ته انهن مان ڪير به پنهنجي زور تي چونڊون نه ٿو کٽي سگهي، اڃا به ادارن ۾ عمران خان جا سهولتڪار موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جيڪڏهن جمهوريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار وٽ ڪنهن آئين ۽ قانون تحت ڊيم فنڊ قائم ڪ??ڻ جو اختيار نه هو. هن چيو ته هي قانون تمام گهڻ?? اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ??ا ڇو ته 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ فيصلو ڪيو ته اسان قانون تحت ان جو جواب ڏينداسين.