اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رم??ان المبارڪ ۾ معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ احساس جو جذبو پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اس??ن کي ڪمزور طبقن جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. رم??ان المبارڪ 1444هه شروع ٿيڻ تي قوم جي نالي پيغام ۾ صدر چيو ته رم??ان المبارڪ جي بارڪت مهيني جي شروعات تي پوري پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيان ٿو. الله تعاليٰ جي رحمت ۽ مهرباني سان اس??ن هڪ ڀيرو ٻيهر رم??ان المبارڪ جي باسعادت گهڙين مان فائدو کڻي رهيا آهيون. اهي مبارڪ لمحا جتي هڪ مسلمان جي لاءِ روحاني ۽ اخلاقي ترقي جو سامان پيدا ڪن ٿا اتي امت جي وچ ۾ همدرديءَ، اخوت، ڀائيچاري ۽ تعاون جو پيغام کڻي پڻ اچن ٿا. هي مهينو مسلمانن جي لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي سطح تي ترقي ۽ اصلاح جو ماحول پيدا ڪري پنهنجي زندگين کي نئين سر بهتر انداز ۾ شروع ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. صدر چيو ته الله تعاليٰ اس??ن تي روزا اهڙي طرح ئي فرض ڪيا آهن جهڙي طرح اس??ن کان اڳ ماڻهن تي فرض ڪيا ويا هئا ۽ ان جو مقصد انسان کي متقي بڻائڻ آهي. روزي جي ذريعي ماڻهو جي اندر صبر ۽ اس??قامت جي قوت پيدا ٿئي ٿي. رم??ان المبارڪ انسان جي اندر اس??قلال ۽ اس??قامت جي طاقت پيدا ڪرڻ، عبادت ڪرڻ ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن موجب هڪ محتاط انداز ۾ زندگي گذارڻ جي تربيت جو موقعو فراهم ڪري ٿو. جيئن ان مشق جي ذريعي پوري زندگي کي نظم ۽ ضبط ۽ الله جي حڪمن جو پابند بڻائڻ جو درس ڏن?? وڃي ٿو. هن چيو ته توهان ڄاڻو ٿا ته ملڪ پاڪستان هن وقت سخت ترين معاشي پريشاني ۾ ورتل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اس??ن رم??ان المبارڪ جي مهيني ۾ پنهنجي اندر معاشري جي ڪمزور، محتاج ۽ ضرورتمند طبقي جو احساس پيدا ڪريون. هي طبقو سڄو سال سنگين معاشي حالتن ۾ تڪليف، آزمائش ۽ امتحان مان گذري ٿو. اس??ن کي پنهنجي سگهه مان وڌي ان رم??ان ۾ خاص طور تي ۽ پورو سال بالعموم ان طبقي جو مددگار بڻجڻ ۽ مشڪل وقت ۾ انهن جو سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. يقينن ان نيڪ عمل جي ذريعي اس??ن رم??ان جي مقصدن ۽ ان جو ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اس??ن کي رم??ان المبارڪ جي برڪتن ۽ فضيلتن سان ف??ضياب ٿيڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ پاڪستان کي وڌيڪ ترقي عطا فرمائي.