اسلام آباد – 16 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري صحافي مسعود الله خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسعود الله خان جي لاڏاڻي جو ٻڌي تمام گهڻو افسوس ٿيو. مرحوم صحافت جي آزادي جي جدوجهد جو هيرو هو. هن چيو ته مسعود الله خان انهن صحافين ۾ شامل هو جن جمهوريت جي لاءِ سخت مصيبتون برداشت ڪي??ن. ??ندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگه??و. ??طلاعات واري وفاقي وزير دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.