ويلنيئس – 21 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻنهي وزير?? جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ ليٿوانيا جي پرڏيهي وزير گيبريلس لئنڊسبرگ ٻطرفي مشاورتي مڪينزم قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي گادي واري شهر ولنيئس جي تاريخي دوري تي آهي، اهو ڪنهن به پاڪستاني پرڏيهي وزير پاران بالٽڪ علائقي جو پهريون دورو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ليٿوانيا جي پارليام??نٽ جو دورو ڪيو ۽ ليٿوانيا جي آزادي جي جدوجهد ۾ جانيون قربان ڪندڙ?? جي يادگار تي گل?? جي چادر چاڙهي.
پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي پارليام??نٽ جي اسپيڪر وڪٽوريا سميليتي نيلسن سان پڻ ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پارلياماني مٽاسٽا جي اهميت کي ورجايو.
پرڏيهي وزير ليٿوانيا جي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات واري وزير ماريئس اسڪوڊيس سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي وزيرن ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي.