اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ايندڙ عام چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿينديون، وفاق ڪٿي به اهو ناهي چيو ته اسان چونڊون نه ڪر??ئينداسين، چونڊن جو انعقاد حڪ??مت نه اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي. هو پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهي هئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جون ڳالهيون جاري آهن، حتي الامڪان ڪوشش آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهيون پاڪستان جي حق ۾ ٿين، ان ڏس ۾ قياس آرائيون نه ٿيڻ گهرجن، قياس آرائين ۾ ڪنهن جو فائدو نه آهي. هن چيو ته هي اهو ئي آءِ ايم ايف معاهدو آهي جيڪو عمران خان ڪري ويو هو، گذريل حڪ??مت ان معاهدي کي معطل ڪري ڪئي وئي هئي، موجوده حڪ??مت ملڪ کي ڊيفالٽ طرف وڃڻ کان بچايو. هن چيو ته سڀني کي ذ??يواري جو مظاهر?? ڪرڻو پوندو، ٿورو انتظار ڪريو، آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ٿيندو قوم آڏو آڻينداسين. هن چيو ته هڪ طرف کان آءِ ايم ايف ڳالهين بابت ذريعن ک??ن خبرون هلائي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، ميڊيا کي به گهرجي ته اها آءِ ايم ايف ڳالهين بابت حڪ??مت يا ناڻي واري وزارت جون تصديق ٿيل شيون قوم آڏو آڻي.