ڊيووس – 20 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ??هي ته دنيا کي ??وس??ياتي تبديلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، پاڪستان کي فوڊ سيڪيورٽي ۽ توانائي جا مسئلا درپيش آهن، ٽ??ين دنيا جون معيشتون هن وقت دٻاءُ جو شڪار آهن، سڄي دنيا ۾ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو ??هي، روس – يوڪرين جنگ جا اثر خطي سميت پوري دنيا تي پيا آهن. ڊيووس ۾ جيو پوليٽيڪل صورتحال ۾ سيڪيورٽي ۽ ڪوآرڊينيشن جي موضوع تي مڪالمي دوران ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ??ه يوڪرين – روس تڪرار جو واحد حل سفارتڪاري آهي، خطي ۾ تڪرارن جي حل لاءِ مثبت سوچ اختيار ڪرڻي پوندي. هن چيو ??ه روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جا اثر خطي سميت پوري دنيا تي پيا آهن، دنيا کي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل تعاون سان هلڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي ڏکڻ ملڪن جا خدشا ختم ڪرڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۾ بهتري آڻڻ ۽ انهن جي ن??ين سر تنظيم سازي تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسان کي تڪرارن ۽ ??وس??ياتي تبديلي سميت ٻين مسئلن جي حل لاءِ عالمي ادارن جي معمول جي طريقيڪار طرف وڃڻ گهرجي. هن چيو ??ه جيڪڏهن عالمي ادارا گڏيل قومن جي فريم ورڪ تحت موجوده دور جي گهرجن موجب ڪم ڪن ته دنيا کي خطري ۾ وجهندڙ موجوده تڪرار خوش اسلوبي سان حل ٿي سگهن ٿا. پرڏيهي وزير يوڪرين جي مسئلي جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪ??ي ته ان مسئلي جي جلد حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري جو رستو ڳوليو ويندو. هن چيو ??ه ??وس??ياتي تبديلين سميت دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن، سمورين قومن کي گڏجي ??وس??ياتي تبديلين کي منهن ڏيڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ??ه ٽ??ين دنيا جون معيشتون دٻاءُ جو شڪار آهن، پاڪستان کي خوراڪ، توانائي، ??وس??ياتي تبديلين ۽ معاشي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ??ه جيستا??ين يوڪرين جي انساني بحران ۽ جانين جي زيان جو تعلق آهي، ان جي معاشي نتيجن جا اثر نه رڳو يورپ ۾ پيا آهن پر پوري دنيا سان گڏ آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ گئس جون قيمتون وڌيون آهن. هن چيو ??ه اسان وٽ غذا??ي تحفظ، توانائي ۽ سلامتي جا مسئلا آهن، اسان يوڪرين جي تڪرار کي پهرين ۽ واحد موقعي طور تي نه ٿا ڏسون جڏهن عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي وئي هجي، اها ستم ظريفي آهي ته يوڪرين ۾ گڏيل قومن جو اطلاق ٿئي ٿو پر عراق ۾ نه آهي، اهو افسوسناڪ آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون جيڪي هن وقت پوري يورپ ۽ پوري اولهه جي لاءِ تمام وڌيڪ معنيٰ رکن ٿيون پر ڪشمير جي معاملي تي اهي ڪاغذ کان وڌيڪ ڪجهه نه آهن. هن چيو ??ه اسان اميد ڪريون ٿا ته اهو مسئلو جلد کان جلد حل ٿي ويندو، اسان امن حاصل ڪرڻ ۾ سفارتڪاري کي به اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي طرفن کان وڌيڪ فعال موقف ڏسڻ چاهيون ٿا، سفارتڪاري کي اهميت ڏيڻ گهرجي، افغانستان ۾ تڪرار کي ڳالهين جي ميز تي حل ڪيو ويو ??ڏهن ته هن چيو ??ه اسان گهڻو وقت ضايع ڪيو ڇو ته 2002ع ۾ افغان طالبان هٿيار اڇلائڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ تي راضي هئا پر اسان ان موقعي کي سنجيدگي سان نه ورتو ۽ 2022ع ۾ به ا??ين ئي ڪرڻو پيو. پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪ??ي ته يوڪرين جي تڪرار کي آخرڪار ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتي ذريعن سان حل ڪيو ويندو. مڪالمي جي شرڪت ڪندڙن چيو ??ه سڄي دنيا ۾ ??وس??ياتي تبديلي، توانائي بحران ۽ غربت جهڙا مسئلا اڀري سامهون اچي رهيا آهن. هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته روس ۽ يوڪرين کي امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو.