اسلام آباد-14 ڊسمبر (اي پي پي) تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان جو وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. تاجڪستان جي صدر جي ا??زاز ۾ باضابطه استقباليه تقريب وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف معزز مهمان جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي هٿياربند فوج جي جٿي تاجڪستان جي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. تاجڪستان جي صدر پنهنجي ??فد جي ميمبرن جو وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تعارف ڪرايو، جڏه?? ته وزيراعظم پنهنجي ڪابينه جي ميمبرن سان تاجڪستان جي صدر سان ملرايو.