شرم الشيخ- 11 نومبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائ??يٽ فائنانس اتحاد جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتح??ل کان محفوظ رکڻ لاءِ ٺوس بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوپ – 27 جي فورم تي گڏيل قومن جي ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ آبهوا جي تبديلي جي حوالي سان تقريب ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته ماحولياتي تباهين جي سونامي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائ??يٽ فائنانس اتحاد جي ضرورت آهي، ايشيا پيسفڪ ريجن ۾ ماحولياتي تبديلين بابت واقعن ۾ شديد اضافو ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي لاءِ انتهائي ضروري موافقت جو دور آهي. شيري رحمان چيو ته ان ڳالهه جو ف??ر آهي ته اسان پنهنجي معاشرن کي آبهوا جي هنگامي صورتح??ل کان ڪيئن محفوظ رکنداسين، اسان آبهوا جي دٻاءُ جي گرائونڊ زيرو تي آهيون. هن چيو ته دي ليونگ انڊس اهڙن منصوبن ۾ شامل آهي جيڪي ڪاربان کي گهٽ ڪندا آهن، ان منصوبي جي مقصدن ۾ ماحولياتي نظام جي بحالي، درياجو تحفظ ۽ لچڪيدار مستقبل شامل آهن. هن چيو ته ڪوپ – 27 پبلڪ ۽ پرائيويٽ فنانسنگ جي نظام کي جوڙڻ گهرجي ڇو ته اسان کي مستقبل ۾ ماحولياتي تباهين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪلائ??يٽ فائنانس جي ضرورت پوندي.