اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ چيو آهي ته تازي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب مالي سا?? 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪ??ن آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترقياتي بئنڪ ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ 2022ع جي نالي سا?? شايع ٿيل رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ 6 سيڪڙو واڌ جي باوجود هاڻوڪي بدترين ٻوڏ، مالياتي ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن لاءِ سخت گير پاليسين سبب مالي سا?? 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سا?? 2022ع ۾ مقامي گهرج ۾ اضافو، زراعت، خدمتن ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ سبب جي ڊي پي ۾ 6 سيڪڙو اضافو ممڪن ٿيو تنهن هوندي به 2023ع ۾ ماحولياتي رڪاوٽن، ڊبل ڊيجٽ ناڻي واڌ ۽ سخت مالي ۽ مالياتي پاليسي سبب پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي اڳڪٿي کي گهٽ رکيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو ته تازي بد ترين ٻوڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي لاءِ وڏا خطرناڪ خدشا پيدا ڪيا آهن، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي سرگرمين لاءِ چڱي خاصي عالمي مدد حاصل ٿيندي جنهن سا?? واڌ ۾ اضافي کانسواءِ سماجي ترقي ۽ معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سا?? 2022ع ۾ گهرج ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن سا?? روزگار ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سا?? 2022ع ۾ زراعت جي شعبي ۾ 4.4 سيڪڙو جي واڌ ٿي تنهن هوندي به ٻوڏ سبب ايندڙ سا?? ۾ ان شعبي ۾ وڏي واڌ جي اميد آهي. رپورٽ ۾ ناڻي واڌ جو دٻاءُ ۽ ان جي شرح 18 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.