نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي ??لامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار پرامن طور حل ڪيو وڃي، ٻوڏ جي ??باهين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ناروي جي ??مداد کي ساراهيون ٿا. گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي نارويجن هم منصب اينيڪن هيوئٽ فيلڊ سان ملاقات دوران هن پاڪستان ۽ يورپين فري ٽريڊ ايسوسيئيشن (اي ايف ٽي اي) جي وچ ۾ آزاداڻي واپا??ي معاهدي (ايف ٽي اي) کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي ??هميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ واپار، سيڙپڪاري، ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ۽ جامع بڻائڻ جي لاءِ گڏيل ڪوش??ون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پاڪستان ۾ ن??روي جي ناليواري ڪمپنين جي موجودگي جو ذڪر ڪندي پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت جي پرڪشش سيڙپڪاري پاليسي مان وڌيڪ ڪمپنيون فائدو کڻنديون. پرڏيهي وزير پاڪستانين جي لاءِ قانوني اچ وڃ جا موقعا وڌائڻ جي ??هميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ناروي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مثبت تعاون کي ساراهيو. افغانستان بابت بلاول ڀٽو زرداري افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت کي ورجايو ۽ افغان عوام کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد جي لاءِ افغان عبوري عملدارن سان عالمي برادري جي مسلسل شموليت جي ??رورت تي زور ڏنو. ناروي افغانستان مان نڪرڻ واري عمل ۾ پاڪستان پاران سهولت فراهم ڪرڻ کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ناروي جي پرڏيهي وزير کي پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو ۽ ناروي پاران ڏني ويندڙ امداد کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين گڏيل قومن ۽ گهڻ رخي جي ??هميت تي زور ڏنو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي ??عبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.