اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هاڪيءَ جي دنيا جي ليجنڊ او??مپيئن منظور حسين جونيئر جي لاڏاڻي ت?? گهري ڏک ۽ ا??سوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ت?? پاڪستان هاڪيءَ جي لاءِ سندس خدمتو?? ناقابل فراموش رهنديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گولڊ ميڊلسٽ منظور حسين جونيئر قوم جو سرمايو هو، پاڪستان هاڪيءَ جي لاءِ سندس خدمتو?? ناقابل فراموش رهنديون. هن دعا ڪئي ت?? الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي.