بيجنگ – 24 – آگسٽ (اي پي پي) چين سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين سان گهري تعزيت جو اظهار ڪندي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تنبوئن ۽ ٻئي فوري ضرورت جي امدادي سامان سميت هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آه??. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هتي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته چين تازو ئي پاڪستان ۾ ڪيترين ئي جاين تي شديد ٻوڏ اچڻ جو نوٽيس ورتو آه??، جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آه??. ترجمان چيو ته اسان آفت سٽيل علائقي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان گهري تعزيت ۽ متاثرين ۽ زخمين سان دلي همدردي جو اظهار ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان سچا دوست آه?? جيڪي هڪ ٻئي جي ڏک ۽ پريشاني ۾ برابر جا شريڪ آه?? ۽ وڏي قدرتي آفتن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي سدائين سٺي روايت رهي آه??. هن و??يڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ رياستي ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان افسوس جو اظهار ڪيو آه??. ترجمان چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي فريم ورڪ تحت چين پاران فراهم ڪيل 4000 تنبو، 50000 ڪمبل، 50000 ٿُلهيُون چادرُون ۽ ٻيون امدادي شيون قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيون پيون و??ن. ان کانسواءِ چين ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 25 هزار تنبو ۽ ٻيو سامان فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آه??، ريڊ ڪراس سوسائٽي چائنا هلال احمر پاڪستان کي هنگامي طور تي 3 لک ڊالر روڪ امداد فراهم ڪري ڇڏي آه??. ترجمان چيو ته چين آفتن جي روڪٿام ۽ موسمياتي تبديلي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيندا رهندا. هن و??يڪ چيو ته اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته پاڪستاني حڪومت جي قيادت ۾ ۽ عالمي برادري جي گڏيل مدد سان آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۽ پنهنجي معمول جي زندگي کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ ?? ڪامياب ٿي ويندا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آه?? ته وينچوآن ۾ 2008ع ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي دوران پاڪستان سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي دستياب سمورا تنبو چين موڪليا هئا ۽ چين پاڪستان جي مشڪل جي گهڙيءَ ۾ فراهم ڪيل ان امداد کي نه ٿو وساري سگهي. ميڊيا جي ذريعن جي رپورٽس موجب چوماسي جي برساتن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ اچڻ سان و??ي تباهي ٿي آه?? جنهن جي نتيجي ۾ 700 کان و??يڪ ماڻهو فوت ۽ ٽي لک کان و??يڪ بي گهر ٿيا آه??.