حيدرآباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جو 75 هون آزادي ڏ??اڙو اڄ 14 آگسٽ تي ڀرپور قومي جذبي سان ملهايو ويندو، ملڪ جي ٻين شهرن وانگر حيدرآباد ۾ به تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. شهر ۾ جڳهه جڳهه تي قومي جهنڊن جي بهار آهي جڏهن ته نوجوان ۽ ٻارن جو جوش ڏسڻ جهڙو آهي، ڏينهن جي شروعات فجر جي نماز کانپو??ِ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون. آزادي جي ڏ??اڙي جي موقعي تي حيدرآباد ۾ پرچم ڪشائي جي مرڪزي تقريب صبح 7 لڳي 45 منٽن ت?? ڊائريڪٽر جنرل ايڇ ڊي اي سيڪريٽريٽ ۾ ٿيندي، جنهن ۾ ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد نديم الرحمان ميمڻ، ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو سميت صوبائي ۽ وفاقي ادارن جا اعليٰ آفيس??، ملازم ۽ شهري به شرڪت ڪندا، جشن آزادي جي سلسلي ۾ مختلف تعليمي ادارن ۾ اڳ کان ئي تقريبن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.