اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪند?? چيو آهي ته ڪشميرين جي خلاف ظالماڻا قدم مذمت جوڳا آهن، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ هر ??ورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪشمير مسئلو 75 سالن کان حل نه ٿي سگهيو، عالمي سطح تي ان تڪرار کي ڀرپور انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ دنيا جو ڌيان واديءَ ۾ ڪشميرين تي ڪيل ظلمن طرف ڇڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ اسان آخري دم تائين اها ڪوشش جاري رکنداسين. هن چيو ته اسان جو اسلام?? ۽ ??خلاقي فرص بڻجي ٿو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي لاءِ دنيا جي هر ??ورم تي نه رڳو آواز اٿاريون پر عالمي ضمير کي جنجهوڙڻ جي هر ??مڪن ڪوشش ڪريون. خورشيد شاهه ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪند?? چيو ته معصوم ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن جي انتها ٿي چڪي آهي، ان جي خاتمي لاءِ اسان کي انسانيت جي نالي تي عالمي برادري جي ضمير کي بيدار ڪرڻ ۽ تڪرار جي پائيدار ۽ پرامن حل جي لاءِ ننهن چوٽي جو ??ور لڳائڻو پوندو. هن چيو ته ڪشميرين جو موثر آواز بڻجڻ جي لاءِ اسان کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙو طرز عمل اختيار ڪرڻو پوندو.