اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي متحده عر?? امارات جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ اڳوڻي صدر شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي ت?? شاهي خاندان، عوام ۽ متحده عر?? امارات جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو، صدر متحده عر?? امارات جي اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي ت?? ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته شيخ خليفه بن زايد النهيان جي لاڏاڻي ت?? پاڪستاني عوام کي ت??ام گهڻو ڏک ٿيو آهي. ڇاڪاڻ جو هو پاڪستان جو سچو ۽ مخلص دوست هو. هن چيو ته متحده عر?? امارات جي اڳوڻي صدر جي وفات ٻنه?? ملڪن جي لاءِ وڏو نقصان آهي ۽ هو پاڪستاني قوم جي جذبن جو اظهار ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان متحده عر?? امارات جي شاهي خاندان ۽ عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، مرحوم شيخ خليفه بن زايد النهيان جي پاڪستان لاءِ خدمتن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي صدر عارف ??لوي چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ متحده عر?? امارات جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا، ان موقعي ت?? هن ٻنه?? ملڪن جي وچ ۾ دوستي کي وڌيڪ بهتر ۽ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، متحده عر?? امارات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي تعزيتي دوري ت?? صدر جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ متحده عر?? امارات جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا آهن، هن متحده عر?? امارات جي اقتصادي ترقي ۾ پاڪستاني برادري جي ڪردار کي به ساراهيو.