اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سينيئر صحافي خالد ??ميد فاروقي جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هو هڪ محنتي ۽ پنهنجي پيشي سان عشق ڪندڙ صحافي هو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته خالد ??ميدفاروقي جو لاڏاڻو صحافت جي شعبي جو وڏو نقصان آهي، سندس صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته ??لل?? تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.