اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان آمريڪي ڪانگريس ميمبر الهان عمر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان جي ??زم ۽ همت ۽ سياسي جدوجهد کي ساراهيندي وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي پهرين دوري تي سندس شاندار آجيان ڪئي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان سان پاڪستان ۽ آمريڪي عوام جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا ۽ پاڪستاني پارليامينٽ ۽ آمريڪي ڪانگريس جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ کي سگهه ملندي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ گڏيل احترام، اعتماد ۽ برابري تي ٻڌل ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ چاهي ٿو. هن ان ڳالهه ??ي روشني وڌي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعميري رابطن سان خطي ۾ امن، سلامتي ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ان ڳالهه جو ذڪر ڪندي ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري جي ??عبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پاڪستان آمريڪا لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي ڪوششن کي ساراهيو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان قومي ترقي ۽ واڌويجهه ۾ ان جي ??عاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ??نگين صورتحال کي اجاگر ڪيو ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ڪرار جي پرامن حل جي ??هميت تي زور ڏنو جنهن سان خطو پنهنجي ??قتصادي صلاحيت کي ڀرپور طريقي سان استعمال ۾ آڻي سگهي ۽ سماجي ??رقي کي فروغ ڏئي سگهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم ڏکڻ ايشيا ئي پنهنجي ??رقي تي ڀرپور ڌيان ڏئي سگهي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته اسلامو فوبيا جهڙي برائي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ??رورت آهي. ڪانگريس ميمبر الهان عمر وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي ??وري سان پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ڪانگريس جي ??ورت ميمبر الهان عمر 20 کان 24 اپريل 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهي آهي. اسلام آباد ۾ قيا??ت سان ملاقاتن کانسواءِ هو لاهور ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو دورو ڪندي ته جيئن پاڪستان جي ??قافتي، سماجي، سياسي ۽ اقتصادي صلاحيت کي وڌ کان وڌ سمجهي سگهي.