GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

پاڪستاني قوم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 148هون جنم ڏڻ ڀرپور حب الوطني جي جذبي سان ملهايو

image

اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستاني قوم پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 148هون جنم ڏڻ ڀرپور حب الوطني جي جذبي، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو. ڏينهن جي شروعات سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ اتحاد لاءِ خاص دعائن سان ٿي. سرڪاري ۽ نجي عمارتن تي قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويا، جيڪي پنهنجي محبوب اڳواڻ لاءِ گهري احترام ۽ شڪر جي علامت آهي. ڪراچيءَ ۾ قائداعظم جي مزار تي باباءِ قوم کي خراجِ عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ گارڊز جي تبديلي جي پُروقار تقريب منعقد ٿي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ خاص تقريبن ۽ سرگرمين جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن ۾ سيمينارز، ڪانفرنسز، مباحثا، ثقافتي تقريبون ۽ نمائشون وغيره شامل هيون. ان موقعي تي قائداعظم جي جدوجهد ۽ ڪاميابي کي اجاگر ڪيو ويو ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ترقي پسند، جامع ۽ جمهوري رياست طور سندس ويزن تي روشني وڌي وئي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ قائداعظم جي قيادت ۽ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جي اصولن تي ڌيان ڇِڪرائي مباحثي، آرٽ جي مقابلن ۽ مضمون نويسي جي مقابلن جو اهتمام ڪيو. ٽي وي ۽ ريڊيو چينلز تي سڄو ڏينهن خاص پروگرام ۽ دستاويزي فلمون نشر ڪيون ويون جن ۾ پاڪستان جي تخليق ۾ قائداعظم جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. اخبارن ۾ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي لازوال ميراث ۽ قوم لاءِ بي مثال خدمتن جو ذڪر ڪندي خاص سپليمينٽس به شايع ڪيا ويا. قائد جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس پاران پينٽنگ ۽ ڊرائينگ مقابلو جو بندوبست ڪيو ويو، جنهن سان نوجوان فنڪارن کي خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم دستياب ٿيو، جن پنهنجي تخليقي صلاحيتن ذريعي باباءِ قوم کي ڀرپور انداز ۾ خراجِ عقيدت پيش ڪيو. لوڪ ورثه پاڪستان جي باني، قائداعظم محمدعلي جناح جي 148هين جنم ڏڻ جي مناسبت سان ڪيترين ئي تقريبن جي ميزباني ڪئي. جن ۾ هٿ سان ڪم ڪندڙ ڪاريگرن جي نمائش به شامل هئي، جنهن ۾ روايتي دستڪارين جي نمائش ڪئي وئي، جڏهن ته ان ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽڻ جي تقريب جو بندوبست ۽ قائداعظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو، ملي گيتن جي خاص شوز جو بندوبست ڪيو ويو ۽ حب الوطني جا گيت پيش ڪيا ويا. ان کان علاوه سڄو ڏينهن قائداعظم جي خدمتن تي دستاويزي فلمون پڻ ڏيکاريون ويون جيڪي سندس زندگي ۽ ويزن جي باري ۾ بصيرت فراهم ڪن ٿيون. قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏڻ تي سفارتي سائيڪلنگ ريلي به ان سرگرميءَ جو حصو هئي جيڪا سفاري ڪلب کان مني گولڊ ڪپ تائين ڪڍي وئي. ان کان اڳ گذريل ڏينهن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ هڪ نمائش جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ قائداعظم جون ناياب تصويرون ۽ پورٽريٽ رکيا ويا هئا، جنهن جو مقصد نوجوان نسل کي ڌار وطن لاءِ سندس يادگار جدوجهد ۽ قربانين بابت آگاهه ڪرڻ هو. نمائش دوران قائداعظم جي زندگي ۽ ڪارنامن تي ٻَڌل هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پنهنجي هيڊ ڪوارٽر ۾ ڪرسمس ۽ قائداعظم محمدعلي جناح جي سالگره جي موقعي تي تقريب جو اهتمام ڪيو. پاڪستانين کي گهرجي ته هو قائداعظم جي لازوال پيغام تي غور ڪن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ اجتماعي طور ڪم ڪن ته جيئن پاڪستان پنهنجي عظيم قائد جي مقرر ڪيل رستي تي گامزن رهن. خاص طور تي نوجوان نسل جي همٿ افزائي جي ضرورت آهي ته جيئن هو قائداعظم کي پنهنجو رول ماڊل بڻائين ۽ قوم کي روشن مستقبل جي تعمير لاءِ سندس محنت، ديانت ۽ حب الوطني جي نظرين مطابق هلن. هي ڏينهن آزاديءَ واري جدوجهد دوران ڏنل قربانين جي ياد ڏيارڻ تي ڪم ڪري ٿو ۽ پاڪستان کي ترقي، هم آهنگي ۽ امن طرف وٺي وڃڻ لاءِ قائداعظم جي اصولن کي برقرار رکڻ جي ضرورت کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان جو باني قائداعظم محمد علي جناح هڪ ممتاز بئريسٽر ۽ سياستدان هو، جنهن 1913ع کان 14 آگسٽ 1947ع تائين پاڪستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي قيادت ڪئي. پنهنجي پُختي عزم، ديانتداري ۽ انصاف جي عزم جي علامت قائداعظم پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل هو جيڪو 11 سيپٽمبر 1948ع تائين خدمتون انجام ڏيندو رهيو. محمدعلي جناح جي قيادت نه صرف ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن حاصل ڪيو پر مساوات، آزادي ۽ رواداري تي ٻَڌل هڪ قوم جي بنياد به رکي ۽ اڄ به قائداعظم محمدعلي جناح جو متحد ۽ خوشحال پاڪستان جو ويزن ملڪ لاءِ رهنمائي جو ڪم ڪري رهيو آهي.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں