GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

سچ جي فروغ ۽ مس انفارميشن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ روس ۽ اسلامي دنيا جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي: ماسڪو ميڊيا ڪانفرنس

image

ماسڪو – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) سچ جي فروغ ۽ مس انفارميشن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ روس ۽ اسلامي دنيا جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه روس جي گادي واري شهر ماسڪو ۾ ”روس ۽ اسلامي دنيا – ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جا عملي قدم“ جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ۾ مقررين ڪئي. جاري پڌرائي موجب ڪانفرنس جو اهتمام او آءِ سي نيوز ايجنسينز جي يونين (يو اين اي)، گروپ آف اسٽريٽجڪ ويزن رشيا – اسلامڪ ورلڊ ۽ اسپتنڪ انٽرنيشنل نيوز ايجنسي ڪيو هو. عالمي ڪانفرنس ۾ روسي فيڊريشن جي عملدارن، اسلامي تعاون تنظيم، علائقائي ۽ عالمي ادارن جي نمائندن ۽ مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ ميڊيا ماهرن شرڪت ڪئي. تاتارستان جي صدر ۽ گروپ آف اسٽريٽجڪ ويزن ”رشيا – اسلامڪ ورلڊ“ جي چيئرمين رستم مني خانوف ڪانفرنس کي پنهنجي وڊيو خطاب ۾ چيو ته روس ۽ اسلامي دنيا جي وچ ۾ لاڳاپا تاريخي لحاظ کان اعليٰ درجي جي اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته مسلمان ملڪن سان ميڊيا جي ذريعي تعاون روس جي عالمي پاليسي جو بنيادي رخ آهي. فيڊريشن ڪائونسل ڪميٽي آن انٽرنيشنل افيئرز جي چيئرمين گريگوري ڪاراسين ان موقعي تي پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته روس مختلف قوميتن ۽ مذهبن جي مڃيندڙن جو ملڪ آهي ۽ ان جا شهري روايتي طور تي اسلامي ملڪن سان لاڳاپا مضبوط بڻائن جا حامي آهن. هن چيو ته هن ڪانفرنس جي انعقاد جو مقصد يونين آف او آئي سي نيوز ايجنسيز ۽ روسي ميڊيا جي وڏن ادارن جي وچ ۾ سڌوسنئون تعاون قائم ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي ته جيئن روس ۽ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ برابر بنيادن تي تعاون کي فروغ ۽ شهرين کي سچي ۽ حقيقت تي ٻڌل ۽ تعصب کان پاڪ اطلاعات تائين پهچ جا برابر موقعا فراهم ڪري سگهجن. او آءِ سي جي لاءِ روسي فيڊريشن جي مستقل نمائندي رمضان عبدالطيفوف ان موقعي تي او آءِ سي جي سيڪريٽري ۽ روس جي لاءِ ان جي نائب سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته سندس ملاقاتن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ رهنما رخن جوڙيا ويا. هن چيو ته هاڻي اسان کي روس او آءِ سي تعاون جي اهم رخ جي لاءِ معلومات تي ٻڌل مدد ۽ حمايت فراهم ڪرڻي آهي. يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز جي وقتي ڊائريڪٽر جنرل محمد عبدالربواليامي ڪانفرنس کي پنهنجي وڊيو خطاب ۾ روس ۽ اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ڊگهي مدي واري تعاون کي وڌائڻ ۾ گروپ اف اسٽريٽجڪ ويزن جي نمايان ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو مقصد اسلامي دنيا ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي لاءِ عملي قدمن جي ڳولا آهي. هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سمورن نمائندن تي زور ڏنو ته اهي بطور صحافتي اداري يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز جي صلاحيت مان فائدو کڻن. يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز جو غيرجانبدار انٽرنيشنل ٽريننگ سينٽر پنهنجي 57 ميمبر ملڪن ۽ چئن وڏن ملڪن مان نمائندن جو مرڪز آهي ۽ اهو ٽن عالمي زبانن عربي، انگريزي ۽ فرانسيسي ۾ خبرن جو عالمي پليٽ فارم آهي. هن چيو ته يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز پنهنجي قيام کان ئي اعتدال پسندي ۽ اسلامو فوبيا جي مختلف صورتن جي اظهار جي مخالفت جي اصولن تي قائم آهي. گڏيل عرب امارات جي خابرو اداري وام جي ڊائريڪٽر جنرل محمد جلال الرئيسي چيو ته روس ۽ مسلم دنيا قديم ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهي ۽ گڏيل عرب امارات کي روس سان پنهنجي ڊگهي تاريخي لاڳاپن تي فخر آهي. هن چيو ته اسان جي گڏيل اتحاد ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جا ڪيترائي سبب آهن. اسان جو مقصد دنيا ۾ رونما ٿيندڙ واقعن بابت صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات جي فراهمي آهي. هن چيو ته ڀائيچاري ۽ تحمل جهڙن قدرن جي فروغ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ هڪ هڪ فريم ورڪ جي جوڙجڪ ضروري آهي. او آءِ سي جي ميڊيا لينڊ ڪميونيڪشن ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر وجدي سندي پنهنجي خطاب ۾ ميڊيا جي شعبي ۽ روس جي ناليوارن صحافتي ادارن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري قائم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته او آءِ سي ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون ۽ يڪجهتي کي مضبوط بڻائڻ جي حوصلا افزائي ڪري ٿي. روسي پرڏيهي وزارت جي پريس سينٽر جي سربراهه ۽ ڊپارٽمينٽ آف انفارميشن اينڊ پريس جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايوان نيڪايوف پنهنجي خطاب ۾ مسلم ملڪن جي صحافين سان پنهنجي وزارت جي تعاون جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته روس مختلف قوميتن ۽ مختلف مذهبن جي مڃيندڙن جو ملڪ آهي ۽ مختلف ثقافتن سان تعلق رکندڙن جي وچ ۾ هم آهنگي جو ڀرپور ۽ تاريخي تجربو رکي ٿو. هن چيو ته اسلامي دنيا سان تعاون جو فروغ روسي پرڏيهي پاليسي ڊاڪٽرائن جي اهم ترين ترجيح آهي. ان موقعي تي يونين آف او آءِ سي نيوز ايجنسيز ۽ انٽرنيشنل وڊيو ايجنسي (رپٽلي) جيڪا ويزوئل نيوز ڪانٽينٽ جي فراهمي ۾ خصوصي مقام رکي ٿي، جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں