GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس

image
APP52-040722 ISLAMABAD: July 04 - Prime Minister Shehbaz Sharif chairs Federal Cabinet Meeting. APP

اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. ان موقعي تي وزيراعظم سمورن ڪابينا ميمبرن کي ڀليڪار چيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا ناڻي ڊويزن جي سفارش تي سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي لاءِ ڪروو حسين اينڊ ڪو کي مالي سال 2021 – 2022ع جي ايڪسٽرنل آڊيٽرز طور مقرري جي منظوري ڏني جڏهن ته ڪابينا کي پاور ڊويزن پاران ملڪ ۾ لوڊشيدنگ تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جون 2022ع جي مهيني ۾ سڄي ملڪ ۾ بجلي جي ڪيپيسٽي پيداوار 23900 ميگاواٽ تائين هئي ۽ ان دوران اهڙا پلانٽس جيڪي وقت تي مڪمل نه ٿي سگهيا ان جي ڪري چار هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل نه ٿي سگهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته بجلي جي پيداواري صلاحيت ۽ پيداوار ۾ فرق هوندو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ٿرمل 1263 تي ڊسمبر 2019ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر اهو جولاءِ 2022ع ۾ مڪمل ٿيو آهي جنهن ۾ 26 مهينن جي دير ٿي آهي. ٿر انرجي مارچ 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو آگسٽ 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو جنهن ۾ 17 مهينن جي دير ٿي آهي. اجلاس دوران ٿل نووا 330 ميگاواٽ پراجيڪٽ جي ايجنڊا به پيش ڪئي وئي جنهن موجب اهو منصوبو مارچ 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو ڊسمبر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو جنهن ۾ اٽڪل 20 مهينن جي دير آهي. اهڙي طرح شنگهائي اليڪٽرڪ پاور 1320 ميگاواٽ جو منصوبو مارچ 2021ع ۾ مڪمل ٿيڻو هو جيڪو ڊسمبر 2022ع ۾ مڪمل ٿيندو، ان ۾ به 20 مهينن جي دير آهي جڏهن ته ڪروٽ پاور 720 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ آگست 2021ع تي مڪمل ٿيڻو هو جيڪو جون 2022ع ۾ مڪمل ٿيو آهي جنهن ۾ اٽڪل 10 مهينن جي دير ٿي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي مهينن ۾ برساتن جي ڪري هائيڊل پاور ڪيپيسٽي مڪمل آپريشنل هوندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته تربيلا ڊيم جي سطح ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ تربيلا ڊيم مان وڌيڪ 2000 ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايل اين جي پلانٽس وڌيڪ گرمي پد جي ڪري پنهنجي مڪمل صلاحيت موجب ڪم نه ٿا ڪري سگهن. اجلاس کي بجلي جي لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان اڳتي جي حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني وئي. ان حڪمت عملي تحت 20 سيڪڙو فيڊرز کي لوڊشيڊنگ فري رکيو پيو وڃي ته جيئن اسپتالن ۽ صنعتن کي بجلي جي فراهمي ۾ تعطل نه اچي. اجلاس ۾ بجلي جي فراهمي دوران ٿيندڙ لائين لاسز جي حوالي سان پڻ بحث ڪيو ويو ۽ اهو اتفاق ڪيو ويو ته لائين لاسز ۾ گهٽتائي جي لاءِ هڪ مڪمل پلان جوڙيو ويندو. ڪابينا پاور سيڪٽر ۾ موجود گردشي قرضن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ اتفاق ڪيو ته گردشي قرضن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تيزي آندي ويندي. اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اهڙا پراجيڪٽس جيڪي دير جو شڪار آهن وقت تي مڪمل ڪيا وڃن ها ته اسان کي اڄ بجلي جي لوڊشيڊنگ جو مسئلو درپيش نه هجي ها. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته جيئن ته گذريل حڪومت وقت تي گئس خريد نه ڪئي ان لاءِ اسان کي ٻارڻ سان هلندڙ پاور پلانٽس جي لاءِ تيل جي خريداري ڪرڻي پئي. هن چيو ته اسان هن شديد گرمي ۾ عوام کي لوڊشيڊنگ جي مشڪلاتن ۾ وجهڻ نه ٿا چاهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي صوبن جي حوالي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ تفصيلي پلان جوڙيو وڃي ڇو ته صوبائي حڪومتن وٽ ڊسٽري بيوشن جي حوالي سان بهتر حڪمت عملي ۽ انفورسمينٽ جي صلاحيت هوندي آهي. وزيراعظم شهباز شريف توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير کي هدايت ڪئي ته هو ٻن سڀ کان بهترين ڪارڪردگي وارين ڊسٽري بيوشن ڪمپنين ۽ ٻن سڀ کان خراب ڪارڪردگي وارين ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جو دورو ڪري ۽ انهن ٻنهي ڪمپنين جي ڪارڪردگي جي فرق جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪري. وڌيڪ اهو ته وزيراعظم نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري صلاحڪار طارق بشير چيما کي اها هدايت ڪئي ته هو ٽيوب ويلز جي سولر انرجي تي منتقلي جي حوالي سان هڪ پلان جلد کان جلد جوڙي. وزيراعظم Indicative Generation Capacity Expension Plan 2021 – 30 جي انرجي مڪس جي حوالي سان ڪيل فيصلي جو حوالو ڏيندي چيو ته اڳتي ڪو به امپورٽڊ ٻارڻ تي هلندڙ پاور پلانٽ نه لڳايو ويندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي مخاطب ڪندي چيو ته جيڪڏهن توهان بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻي ورتو ته توهان لکين ماڻهن جون دليون کٽي وٺندا، اسان جي حڪومت جو مختصر وقت باقي آهي ۽ اسان کي انهي عرصي ۾ بهتري آڻڻي آهي. وزيراعظم پاور ڊويزن کي هدايت ڪئي ته هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ته ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ نه هجي. وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي (سي سي ايل سي) جي 29 جون 2022ع تي منعقد اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪئي. جن ۾ انٽيليڪچوئل پراپرٽيز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (فنانشل) رولز 2022ع، انٽيليڪچوئل پراپرٽيز آرگنائيزيشن آف پاڪستان (سروس) رولز 2022ع، پبلي ڪيشن آف لاز آف پاڪستان (ترميمي) بل 2022ع ۽ قومي احتساب بيورو (ترميمي) بل 2022ع شامل هئا. وڌيڪ اهو ته وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي پرائيويٽائيزيشن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 24 جون 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل هيٺ ڏنل فيصلن تي غور ڪيو ويو. جن ۾ ليگل فريم ورڪ فار گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ (جي ٽو جي) ڪمرشل ٽرانزيڪشنز جي حوالي سان دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف جي سربراهي ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي. ان کانسواءِ پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي ٽرانزيڪشنز جي حوالي سان سي سي او پي جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. اهڙي طرح نيشنل پاور پارڪس مئنيجمينٽ ڪمپني (پرائيويٽ) لميٽيڊ جي گورنمينٽ آف پاڪستان ۽ پي ڊي ايف ايل قرضن جي ذريعي ڪمرشل قرضن جي ري ڪيپيٽلائيزيشن جي حوالي سان پڻ ڪابينا جي نجڪاري بابت ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. اهڙي طرح سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور جي نجڪاري ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين (ڊسڪوز) ۾ نجي شعبي جي حصيداري جي حوالي سان پڻ سي سي او پي جي فيصلن جي توثيق ڪئي وئي. وڌيڪ اهو ته ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي 4 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ، 5 ماڻهن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ ۽ 4 کي هڪ ڀيرو اجازت ڏيڻ (او ٽي پي) جي منظوري ڏني. واضح رهي ته ڪابينا اها منظوري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي 2 ڪيسز ۾ هڪ ڀيرو اجازت ڏيڻ (او ٽي پي) جي منظوري ڏني آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں